اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عاشوري جي ڏهاڙي جي مناسبت سان قوم تي زور ڏنو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ورجائڻ گهرجي ته اسان اسوه حسين رضه تي عمل پيرا ٿي هر اه?? ڪم ڪنداسين جيڪو حق جي سربلندي، عدل ۽ انصاف جي فروغ، اسلامي روايتن جي پاسداري ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مفيد هوندو، اسان کي گهرجي ته اسان گڏيل نفاق، فرقه واريت ۽ مذهبي منافر?? کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪريون. صدر يو?? عاشور محرم الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته يو?? عاشور يعني 10 هين محرم الحرام کي الله تعاليٰ روز ازل کان ئي خاص شرف بخشيو آهي، ان ڏينهن تاريخ انسانيت جا تمام گهڻن اهم واقعا رونما ٿيا جهڙوڪ حضرت آدم جي توبه قبول ٿي، حضرت نوح عه جي ٻيڙي سلامتي سان جودي جبل تي لٿي، حضرت سيدنا ابراهيم عه تي نمرود جي باهه گلزار ٿي، ۽ ٻيو خليفو حضرت عمر رضه پهرين محرم الحرام تي شهادت جي درجي تي فائز ٿيو، هن چيو ته حضور نبي ڪريم خاتم النبيين صه جي ڏوهٽي حضرت اما?? عالي مقام حضرت امام حسين رضه پنهنجي اهل بيتِ اطهار ۽ ساٿين سان ڪربلا جي ميدان ۾ عاشور جي ڏهاڙي تي شهادت ??اڻي اسلامي تاريخ ۾ ان ڏينهن کي قيامت تائين خاص بڻائي ڇڏيو.