اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي ڪري درپيش مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان مالديو پاران ڪوور??ا وائرس جي وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ مع??شت سميت سياحت جي شعبي جي بحالي جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان مالديپ جي صدر کي پاڪستان ۾ تازي صورتحال بابت بريف ڪيو ۽ ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت انساني جانين جي تحفظ، ڪاروبار ۽ آمدني جي ذريعن کي محفوظ بڻائڻ ۽ مع??شت جي بحالي تي خاص ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي ۽ مع??شت جا وڏا شعبا ترتيبوار کوليا پيا وڃن. وزيراعظم عمران خان گلوبل انيشيٽيو آن ڊيٽ رليف جي حوالي سان مالديپ جي صدر کي آگاهه ڪيو جيڪو اسرندڙ ملڪن ۾ ڪورو??ا وبا جي سخت سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرندڙ ملڪن جي مالياتي وسيلن ۽ صحت جي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي سهولت ۾ گهٽتائي جي ڪري ڪورو??ا وبا کان خاص طور تي وڌيڪ متاثر ٿيا آهن ان لاءِ اسرندڙ ملڪن ۾ خ??ص قدمن جي ضرورت آهي.