اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان صدر ڊا??ٽر عارف علوي سان ٽيليفون ت?? ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عيدالاضحيٰ جي مبارڪ موقعي تي کيس مبارڪباد ڏني. صدر ڊا??ٽر عارف علوي پڻ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر سان ڳالهه ٻولهه دوران ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته هن سال عيدالاضحيٰ مشڪل حالتن ۾ ملهائي پئي وڃي ۽ دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته ڪوويڊ 19 عالمي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. هن پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ڪوويڊ 19 جي خلاف جنگ ۾ معاونت فراهم ڪرڻ تي ترڪيءَ جي اڳواڻ جي ڪردار کي ساراهيو. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي خوش آئنده آهي. صدر عارف علوي غيرقانوني طور تي ڀارت جي عتاب هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت تي روشني وڌي ۽ چيو ته ڀارتي مسلمان خوف ۽ امتيازي سلوڪ جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.