اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر انب جي ايڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان گهرو وزارت جي غير تسلي بخش جواب تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ??ند?? وزارت کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر اهو مسئلو حل ڪري کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير سميت مخال?? ڌر جا ميمبر ??ه شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ بارڊر تي انب ايڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي لا??ِ اعليٰ عملدارن ??ه شرڪت ڪئي. اسپيڪر چيو ته انب جي روانگي واپار تي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لا??ِ گهرو وزارت جو جواب تسلي بخش نه آهي، اسپيڪر ان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن ۾ مسئلن کي حل ڪري جواب ڏنو وڃي، اسپيڪر چيو ته انب جي روانگي واپار لا??ِ وقت سر فيصلو نه ڪيو ويو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو، گذريل 6 سالن کان پاڪستان جو روانگي واپار گهٽ ٿي رهيو آهي، ا??ڪسپورٽرز چيو ته حڪومت اسان سان تعاون ڪري، اسان کي انب ٻاهر موڪلڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، اسان پوري دنيا ۾ انب ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهيون، پي آءِ اي جي ذريعي انب جي ايڪسپورٽ وڌائڻ جي لا??ِ اگهن ۾ رعايت ڏيڻ جي ضرورت آهي.