اسلام آباد ?? 25 ??ئي (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان کي ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس ڪراچي ۾ جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تعزي?? جو اظهار ڪندي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪ قوم پاران پاڪستاني ڀائرن جي ل??ءِ ڀرپور حمايت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي صدر ۽ وزيراعظم هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ جي صدر کي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي ل??ءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.