اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين سان گڏجي ڪ?? ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته يورپي يونين پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراه?? ڪرڻ جي لاءِ اه?? ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ايمبيسڊر رينا ڪيونڪا ملاقات ڪئي. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي يورپي يونين جي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم يورپي يونين جي سفير سان ڳا??هه ٻولهه ڪندي چيو ته هو يورپي يونين سان گڏجي ڪ?? ڪرڻ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته پاڪستان جا يورپي يونين سان دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. هن ٻنهي طرفن جي وچ ۾ موجوده اداراجاتي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي ايس پي پلس اسڪيم جي حوالي سان پاڪستان جي لاءِ يورپي يونين جي مسلسل حمايت کي ??اراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراه?? ڪرڻ جي لاءِ يورپي يونين اه?? ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. يورپي يونين جي سفير وزيراعظم کي ٻنهي طرفن جي وچ ۾ تعاون جي مختلف قدمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ چرپر جي معاملن ۽ پاڪستان ۾ ڪ?? ڪندڙ يورپي ڪاروبارن کي ??هولت فراه?? ڪرڻ شامل آهي. ملاقات ۾ پاڪستان مان يورپي يونين جي ملڪن جي لاءِ اڏامن جي بحالي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.