اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي پ??ڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهي وزير اسح??ق ڊار سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت اچڻ تي پ??ڏيهي وزير اسح??ق ڊا?? معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اسح??ق ڊار وزيراعظم جي تازي سعودي عرب جي دوري دوران قيادت جي سطح تي ٿيندڙ اهم مفاهمت جو ذڪر ڪيو. سعودي عرب سان لاڳاپن جي بلندي کي ساراهيندي هن ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پ??اڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير اسح??ق ڊار سعودي عرب جي دورانديشي ۽ مستقبل جي قيادت ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي عرب جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ وسيع واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير اسح??ق ڊار پاڪستان پاران پيش ڪيل سيڙپڪاري جي زبردست موقعن ۽ ان سلسلي ۾ ايس آئي ايف سي جي ڪردار تي روشني وڌي. سعودي پ??ڏيهي وزير سندس ۽ وفد جي شاندار استقبال تي پ??ڏيهي وزير اسح??ق ڊار جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان سعودي عرب جي گهري ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري جنگبندي ۽ اتي اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو.