اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون اجلاس 5 مارچ تي اوٽاوا ۾ ٿيندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريف??گ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل ??رڏيهي سيڪريٽري (آمريڪا) سف??ر مريم آفتاب ڪندي جڏهن ته ڪينيڊين وفد جي قيادت ڪئناڊا جي انڊو پيسفڪ جو نائب وزير ويلڊن ايپ ڪندو. ترجمان چيو ته ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمو??ن رخن ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.