اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) آصف علي زرداري صدر م??لڪت جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کائنس حلف ورتو. حلف برداري جي پروقار تقريب ٽپهري جو ايوان صدر ۾ منعقد ٿي. وزيراعظم شهباز شريف، عهدو ڇڏيندڙ صدر م??لڪت ڊاڪٽر عارف علوي، اڳوڻو نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ، پنجاب ج?? گورنر بليغ الرحمان، ڪي پي ڪي ج?? گورنر حاجي غلام محمد، سنڌ ج?? گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز احمد بگٽي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سنڌو، نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن، پرڏيهي سفارتڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان مس??م ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف، سينيٽر اسحاق ڊ??ر، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر م??ڪ احمد خان، شرجيل ميمڻ، ملڪ عامر فدا پراچا، نواب جمال خان رئيساڻي سميت ٻي سياسي قيادت موجود هئي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته صدر آصف علي زرداري 2008ع کان 2013ع تائين به صدر م??لڪت جي عهدي تي رهي چڪو آهي.