اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) حڪومت سازيءَ لاءِ (ن) ليگ ۽ پ پ جي اڳواڻن تي ??َڌل ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. (ن) ليگ جي ترجمان م??يم اورنگزيب مطابق پاڪستان م??لم ليگ (ن) طرفان سينيٽر اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ملڪ محمد احمد خان اجلاس ۾ شريڪ ٿيا جڏهن ته پ پ جي نمائندگي سيد مراد علي شاهه، قمر الزمان ڪائره، سعيد غني ۽ ٻين ڪئي. ڪميٽي اتفاق ڪيو ته جلد کان جلد حڪومت سازي جي عمل کي مڪمل ڪيو وڃي. ڪميٽي جون م??اورت سان جوڙيل تجويزون اڳواڻن کي پيش ڪيون وينديون. ڪميٽيءَ جي سفارشن جي روشني ۾ قيادت حتمي فيصلو ڪندي.