اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني اسٽارٽ ??پس کي سيڙپڪارن جي ذريعي عالمي منڊين تائين پنهنجي مقامي طور تي تيار ڪيل مصنوعات کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مارڪيٽ پليس قائم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. هو اينجلز انويسٽرز سمٽ ۽ اسٽارٽ ??پ شوڪيس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته اسٽارٽ ??پس کي پنهنجي مصنوعات کي موثر طريقي سان مارڪيٽ ڪرڻ ۽ مقامي آبادي سان تخليقڪارن جي فائدي جي لاءِ پنهنجي پهچ وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر دانشواراڻي خصوصيتن جي فروغ لاءِ 11 اسٽارٽ ??پس کي ساراهيو. صدر سمٽ جي منتظمين کي مشورو ڏنو ته اهي اسٽارٽ ??پس جا تفصيلي وڊيو پيغام رڪارڊ ڪن ته جيئن اهي ماڻهو سان گڏوگڏ ممڪن سيڙپڪارن کي پڻ پنهنجي مصنوعات جي بهتر وضاحت ڪري سگهن. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته شروعاتي دور ۾ ترقي يافته ملڪ به پنهنجي مقامي ضرورتن موجب غيرملڪي نظرين مان فائدو کڻندا رهيا آهن. صحت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعات ذهانت جي استعمال تي زور ڏيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٽيلي ميڊيسن پاڪستان جي صحت جي سارسنڀال جي مسئلن جو وا??د حل آهي ڇو ته اها نظام تي با?? گهٽ ڪرڻ کانسواءِ غريبن کي ٽرانسپورٽ ۽ ٻين پريشانين کان بچائيندي. هن دماغي صحت جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مصنوعات ذهانت ۽ ٻين ٽيڪنالاجيز جي استعمال تي پڻ زور ڏنو ڇو ته اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي ڪنهن نه ڪنهن ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار آهي. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر جهڙين بيمارين سان واڳيل سببن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏيندي چيو ته با?? با?? پيغام پهچائڻ ۽ آگاهي مهم جي ذريعي ان مرض تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ايسپائر پاڪستان جي چيئرپرسن حسن سيد شرڪت ڪندڙن کي اسٽارٽ ??پس کي نيٽ ورڪ تحت آڻڻ جي سفر، نيشنل آئيڊياز بئنڪ، پاڪ اينجلس ۽ اسٽارٽ ??پ پاڪستان پليٽ فارمز قائم ڪرڻ کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته نيشنل آئيڊياز بئنڪ تحت اٽڪل 8000 ٽريننگز ٿيون ۽ شارٽ لسٽ ڪيل 11 اسٽارٽ ??پ کي اسڪريننگ جي عمل مان گذرڻو پيو جنهن ۾ انهن جي آئيڊياز ۽ انهن جي مصنوعات جي دائري جو جائزو ورتو ويو. پاڪ اينجلس جي باني انور خان چيو ته اها جديديت هڪ خوشحال پاڪستان جي لاءِ ضروري آهي ڇو ته ان سان ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. هن اسٽارٽ ??پس جي لاءِ هڪ سازگار ماحول تي زور ڏنو. پنهنجي پريزنٽيشن ۾ اي زيڊ جي سي اي او شفا عدنان صديقي صحت جي سارسنڀال جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي پنهنجي هيلٿ ٽيڪ اسٽارٽ ??پ با??ت ٻڌايو. اهي اوزار مريضن جي مرض با??ت وقت سر ڊاڪٽرن تائين معلومات پهچائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهي اوزار هيپاٽائيٽس، هائي بلڊ پريشر ۽ ذيابيطس جي لاءِ اسڪريننگ ۽ ٽريڪنگ فراهم ڪن ٿا. گرين اليڪٽرڪ با??يڪ جي نمائندي ٻڌايو ته اها با??يڪ مقامي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تيار ڪئي وئي آهي ۽ اها 2026ع تائين 1.5 بلين ڊالر جي مارڪيٽ بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ڪينگرو ڪيئر جي نورالامين پنهنجي مقامي طور تي تيار ڪيل انفينٽ انڪيوبيٽر جي سهولت با??ت آگاهه ڪيو. نيو ويٽيو ۽ با??مي (Baadmay) سميت ٻين اسٽارٽ ??پس پڻ پنهنجي مصنوعات با??ت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو.