لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ??ڌايو ويو آهي ته شاه??ره اماميه ڪالوني فلائي اوور جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ اهو منصوبو ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاهور ۾ تعمير هيٺ اماميه ڪالوني شاه??ره فلائي اوور جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم کي ان منصوبي جي هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران نگران وزيراعظم کي ??ڌايو ويو ته لاهور فيصل آباد ريلوي لائين جي مٿان اماميه فلائي اوور ٺاهيو پيو وڃي، شاه??ره اماميه ڪالوني فلائي اوور جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته اماميه ڪالوني شاه??ره فلائي اوور 18 مهينن جو پراجيڪٽ هو جيڪو پنجاب حڪومت جي تعاون سان ساڍي 6 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو، ڊسمبر 2023ع تائين اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم ترقياتي منصوبن ??ي ب??تر اڳڀرائي جي لاءِ پنجاب حڪومت کي ساراهيو.