اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مفاهمتي ??اداشتن تي صحيحن سان ??لگت بلتستان جي ماڻهن کي روزگار ۽ معاشي ترقي جي لاءِ نوان موقعا ملندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان سان ??الهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جي چين جي دوري ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گلگت ۽ سنڪيانگ ۾ واپاري رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان مفاهمتي ??اداشتن ۽ ٻين قدمن جي حوالي سان ??الهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ??گران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مفاهمتي ??اداشتن تي صحيحن سان ??لگت بلتستان جي ماڻهن کي روزگار ۽ معاشي ترقي جي لاءِ نوان موقعا ملندا. گلگت بلتستان جي وڏي وزير نگران وزيراعظم جي تازي گلگلت بلتستان جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا.