ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي چين جي دوري دوران چين جي خودمختيار صوبي سنڪيانگ جي گادي واري شهر ارومچي پهتو جتي هن سنڪيانگ يونيورسٽي جو دورو ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي سنڪيانگ يونيورسٽي جي صدر يائو ڪيانگ ۽ اڪيڊميا جي ميمبرن سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم اسڪالرز، محققين، تعليمي ماهرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪ??و. نگران وزيراعظم چيو ته سندس سنڪيانگ جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن ۾ سنگ ميل جي عڪاسي ڪري ٿو. هن گڏيل امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي هر طرح جي وقت ۽ حالتن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ??ڻا??ڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ح??الي سان سنڪيانگ جي اهميت کي اجاگر ڪندي قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي سنڪيانگ سان تاريخي را??طن جو ذڪر ڪيو. سنڪيانگ ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ ثقافتي ۽ تاريخي را??طن جي ح??الي سان ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم بنيادي ڍانچي جي ترقي، اقتصادي هم آهنگي، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، تعليمي مٽاسٽا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ را??طن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سنڪيانگ سان حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ شاگردن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي نوجوانن مان ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ايندڙ سالن ۾ ان دوستي ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط ??ڻا??يندا. ان کان اڳ نگران وزيراعظم کي يونيورسٽي جي هسٽري ميوزيم ۾ 99 سال پراڻي سنڪيانگ يونيورسٽي جي تاريخ بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.