اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪراچي ۾ پاڪ بحريه جي جنگي سامونڊي جهاز طارق جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ??ندو. پي اين ايس طارق ملجم ڪلاس ڪارويٽ جنگي جهاز انهن چئن سامونڊي جهازن مان هڪ آهي جيڪي ترڪيه سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي معاهدي تحت ترڪ ۽ پاڪستاني انجنيئر گڏجي ٺاهي رهيا آهن. تقريب ۾ ترڪ نائب صدر جودت يلماز به شرڪت ??ندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم سان ڪراچي ۾ ترڪ نائب صدر جي ملاقات پڻ ٿيندي. وزيراعظم ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد جي نمائندن سان به ملاقات ڪندو.