اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب روات ۾ ريڊيو پاڪستان جي ڊي آر ايم 1000 ڪلو واٽ ڊيجيٽل ميڊيم ويو ٽرانسميٽر هڻڻ جي منصوبي جي شرو??ات تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو منصوبو ريڊيو پاڪستان ۾ انقلاب آڻيندو، ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي ريڊيو پاڪستان جي ڪارڪردگي کي عالمي معيار موجب بڻائيندي جيڪو ان جي معيار ۽ پهچ کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اسان جي مشن ۾ اهم سنگ ميل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو ٽرانسميٽر هڻڻ ۽ شروع ٿيڻ کانپوءِ ريڊيو پاڪستان جي نشريات کي ڪيترن ئي ٻين ملڪن تائين وسعت ڏيندو، ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي ٽرانسميشن کي چار مختلف سگ??لز جي قابل بڻائيندي، ان سان توانائي جي بچت ٿيندي جڏهن ته بجلي جي استعمال ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي جيڪو ريڊيو پاڪستان جي لاءِ لاڳت ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي به خوشي ٿي رهي آهي ته اطلا??ات واري وزارت روات ۾ پاڪستان جو پهريون ميڊيا سٽي قائم ڪرڻ ت?? ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.