اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم محمد شهبا?? شريف سان ملاقات جي لاءِ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استق??ال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف اچڻ تي وزيراعظم هائوس جي مرڪزي دروازي تي معزز مهمان جو استق??ال ڪيو. بعد ۾ هن وفاقي ڪابينا جي ميمبرن بشمول بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، سيد نو??د قمر، احسن اقبال، سعد رفيق، مريم اورنگزيب، حنا رباني کر ۽ طارق فاطمي تي ٻڌل پنهنجي وفد جو چيني نائب وزيراعظم سان تعارف ڪرايو. ان کا??پوءِ چيني وفد جو وزيراعظم شهبا?? شريف سان تعارف ڪرايو ويو. واضح رهي ته پاڪستان حڪومت جي دعوت تي صدر شي جن پنگ جو خصوصي ايلچي، چين جو نائب وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جو ميمبر هي لي فينگ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کا?? اڳ وزيراعظم محمد شهبا?? شريف پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته چين جي نائب وزيراعظم ۽ وفد جو پاڪستان اچڻ تي گرمجوشي سان استق??ال ڪرڻ تي خوشي ٿي. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي لي فينگ ۽ سندس وفد سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم چيو ته چين جو اعليٰ سطحي وفد گيم چينجر منصوبي تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جو مشاهدو پڻ ڪندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:35