اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف آدمشماري بابت ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراع??م منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي آدمشماري جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايم ڪيو ايم جي وفد آدمشماري تي ايم ڪيو ايم جي خدشن کي خاطرخواهه حد ??ائين ختم ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام وارو وفاقي وز??ر سيد امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر فاروق ستار ۽ اڳوڻو سينيٽر مصطفيٰ ڪمال شامل هئا. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هو.