اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته اي?? او ايس چلڊرن وليج جهڙن ادارن ۾ ا??ي انسان وڌيڪ پرسڪون ٿي وڃي ٿو، هتي باقاعده گهر، ماءُ ۽ ٻار جو ماحول ڏنو ويو آهي. هو اي?? او ايس چلڊرن وليج ۾ رهائش رکندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين سا?? افطاري جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته منهنجي لاءِ هي انتهائي خوشي جو موقعو آهي ته آئون انهن ٻارن سا?? افطاري ڪري رهي آهيان. هن ٻارن کي ڪاميابي جون دعائون ڏيندي چيو ته محنت ۽ لگن سا?? ڪاميابي سا?? اڳتي وڌون. هن چيو ته اي?? او ايس چلڊرن وليج هڪ ماڊل ادارو آهي جيڪو ان شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن جي لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته ان کان اڳ به هتي آئي آهيان، انهن ٻارن سا?? ويهڻ سا?? دلي سڪون ۽ راحت ملي ٿي. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ٻارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ انهن جي ٽيبل تي وئي، خيريت معلوم ڪئي ۽ تعليمي سرگرمين بابت پڇيو. اي?? او ايس چلڊرن وليج جي ٻارن ڪوويڊ 19 جي دوران خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي جي هتان جي دوري جو ذڪر ڪيو ته انهن ٻارن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکندي چيو ته آئون سدائين هتي ايندي رهنديس. اي?? او ايس چلڊرن وليج جي انچارج ميڊم فريحه ٻڌايو ته هتي 15 فيملي هومز آهن جتي 106 ٻار ۽ ٻارڙيون رهائش پذير آهن. هن ٻارن جي پرورش ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي فرينڊز آف اي?? او ايس جا پڻ ٿورا مڃيا. هن ٻارن کي ٻڌايو ته عيدالفطر جي لاءِ خاتون اول س??ور?? ٻارن جي عيدي ڏني آهي.