اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چونڊن ۾ دير نه ٿيند??، پڪو يقين آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، وقت سر چونڊن سان ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صو??تحال بهتري جي راهه کلندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر پاڪستان جي آئين جي پا??داري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان جي تاريخ ثابت ڪري ٿي ته چونڊن ۾ دير سان جمهوريت کي نقصان پهتو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو گورنر هڪ جمهوري شخص آهي، صدر گورنر کي آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صدر جي حيثيت سان پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان، سپريم ڪورٽ به فيصلن جي توثيق ڪئي، اختلاف گهٽ ڪرڻ ۽ سياسي پا??ٽين ۾ مفاهمت جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته ملڪ جي خاطر ڪنهن به شخص يا سياسي پا??ٽي سان ملڻ لاءِ تيار آهيان، پي ٽي آءِ جي قيادت کي به ٻين سياسي پا??ٽين سان ڳالهيون ڪرڻ جو چيو، حڪومت سان سٺا لاڳاپا آهن. صدر چيو ته پڪو يقين آهي ته پاڪستان ڪنگال نه ٿيندو، بهتر ۽ موثر مالياتي انتظام ملڪ کي درپيش معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. صدر چيو ته ڪرپشن جي خلاف آهيان ڇو ته ان پاڪستان کي بري طرح نقصان پهچايو، انهي لاءِ نيب ترميمي بل واپس ڪيو. صدر چيو ته فيصلاسازي ۾ دير، ميرٽ جي خلاف ورز??، پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن پاڪستان کي کوکليو ڪيو، ??يڊ??ا سچا ۽ ذميواراڻا تجزيا ۽ راءِ پيش ڪري ماڻهن کي تعليم ڏي. صدر چيو ته نئين ??يڊ??ا جي عروج جي باوجود پرنٽ ??يڊ??ا اڃا به ماڻهن جي راءِ جوڙڻ ۽ اهم مسئلن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.