اسلام آباد -05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪ موسمياتي تبديلين، وبائي بيمارين کان پوءِ خوراڪ ۽ توانائي جي فرا??مي جي س??سلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ رڪاوٽ سبب تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قطر جي امير ۽ پنهنجي ڀاءُ شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت لا??ِ مان اڄ دوحه پهتو آهيان. هن (ايل ڊي س??ز) گڏيل قومن جي گهٽ ترقي يافته ملڪن جي پنجين ڪانفرنس بابت چيو ته مان ايشيا ۽ آفريقا ۾ ايل ڊي س??ز کي ??رپيش ڏکيائين ۽ اقتصادي چئلينجن بابت پاڪستان جي نقطئه کان آگاهه ڪندس. وزيراعظم چيو ته سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪ موسمياتي تبديلين، وبائي مرضن کان پوءِ هاڻي خوراڪ ۽ توانائي جي فرا??مي جي س??سلي ۾ جيو اسٽريٽجڪ رڪاوٽ سبب گهڻو متاثر ٿيا آهن ۽ انهن عالمي واقعن هنن کي ??يرمحفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عوام جي فلاح و بهبود کي پبلڪ پاليسي جو مرڪز بڻائي ايل ڊي س??ز جي بهتر خدمت ڪري سگهجي ٿي.