اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو، جتي هو پاڪستان نيوي جي اهتمام ??يٺ جاري عالمي گڏيل سامونڊي مشقن جو معائنو ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته گڏيل سامونڊي مشقن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سامونڊي فوجن جا دستا شريڪ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٻ?? سالن کانپوءِ ٿيندڙ انهن مشقن جو بنيادي مقصد سامونڊي ڌاڙيلن، دهشتگردن، منشيات ۽ هٿيار اسمگلرن جي خ??اف موثر گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم سامونڊي ڌاڙيلن جي خ??اف گڏيل ڪارروائي جو مظاهرو ڏسڻ کانسواءِ ٻي?? سامونڊي مشقن ۽ پيشيواراڻي مهارتن جو جائزو به وٺندو.