اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپيشل ٽيڪنالاجي ز??نز اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي ز??نز اٿارٽي کي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا هڪ هفتي جي اندر پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي ز??نز اٿارٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي ا??لاس ٿيو. وزيراعظم اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ موجوده وسيلن جو وڌيڪ زيان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، باصلاحيت پاڪستاني نوجوان آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجو روزگار ڪمائي رهيا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل اٿارٽي غيرفعال آهي. وزيراعظم اسپيشل ٽيڪنالاجي ز??نز اٿارٽي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن جو سربراهه ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار هوندو، جڏهن ته انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير، قانون وارو وفاقي وزير، سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو صلاحڪار احد ??يم??، سينيٽر افنان الله ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين ڪميٽي جا ميمبر هوندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي هڪ هفتي جي اندر اسپيشل ٽيڪنالاجي ز??نز اٿارٽي کي فعال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪري. اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز کي به فوري طور تي فعال ڪيو وڃي. بورڊ آف گورنرز ۾ لاڳاپيل شعبي جي ماهرن جي موجودگي يقيني بڻائين. وزيراعظم اٿارٽي ۾ پلاٽن ۾ سيڙپڪاري بدران ان جي ا??ل مقصد يعني ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي ز??نز اٿارٽي جي سڌارن ۽ ان کي فعال ڪرڻ جي لاءِ قدمن ۾ وڌيڪ ڪنهن به قسم جي دير قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي دور ۾ نوجوانن کي آءِ ٽي روا??گي واپار وڌائڻ جي لاءِ هنر ڏيڻ جو بنياد رکيو. ڪورونا وائرس جي وبا دوران نوجوانن کي ڏنل ليپ ٽاپ سان لکين ماڻهن روزگار ڪمايو. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، چوڌري سالڪ حسين، سيد امين الحق، وزيراعظم جو صلاحڪار احد ??يم??، خصوصي مددگار جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ا??پيشل ٽيڪنالاجي ز??نز جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اٿارٽي ۾ هن وقت 400 ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن، جن مان 63 سيڪڙو پاڪستاني جڏهن ته باقي چين، آمريڪا، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکن ٿيون. اجلاس کي اٿارٽي بورڊ جي گورننس ۽ مسئلن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اٿارٽي کي فعال ۽ موثر ??ريقي سان ملڪي آءِ ٽي روا??گي واپار ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي ترجيحي بنيادن تي لاڳو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.