اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اهڙا پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جنهن جي نجڪاري جي سفارش نجڪاري بورڊ ڪئي آهي انهن جي نجڪاري جي عمل کي تيز بڻايو وڃي، نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪاري جي حوالي سان اهم جائزه ا??لاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪاري جي عمل جي رفتار جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جي نجڪاري جي عمل جي حوصلا افزائي ڪري ??ي. هن هدايت ڪ??ي ته اهڙا پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جن جي نجڪاري جي سفارش نجڪاري بورڊ آهي انهن جي نجڪاري جي عمل کي تيز بڻايو وڃي. جڏهن ته ان عمل کي شفاف انداز ۽ انٽرنيشنل بيسٽ پريڪٽسز جي روشني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري ??فاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، توانائي واري ??فاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري ??ملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اع??يٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.