اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي اجلاس ?? شرڪت جي لاءِ تاشقند پهچي ويو. پرڏيهي وزير (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس ?? شرڪت ڪري رهيو آهي ??يڪو ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ ٿي رهيو آهي. ڪانفرنس جي ٿيم ”را??طي کي مضبوط بڻائڻ جو سال“ آهي. پرڏيهي ??فيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزارتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين نمائندن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ڪائونسل آف منسٽرز اقتصادي تعاون تنظيم جو پاليسي ساز فورم آهي ??يڪو تنظيم جي فيصلن ۽ سالياني و??ڪ پلان جي منظور?? ڏي ٿو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ??ه اقتصادي تعاون تنظيم جو 25 هون وزارتي ڪائونسل اجلاس نومبر 2021ع ۾ اشڪ آباد ترڪمانستان ۾ ٿيو هو. پاڪستان هڪ باني ميمبر طور اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي لاءِ پرعزم آهي ??نهن جو مقصد مواصلات، واپار، ثقافت ۽ رابطن تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ موثر علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي.