اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جو صدر امام علي رحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علاقائي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ملاقات کان پهرين تاجڪ صدر کي پاڪستان جي هٿيار بند فوج پاران ??ار?? آف آنر پيش ڪيو ويندو جيڪو پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز تي سڌو سنئون ڏيکاريو ويندو. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ تعاون ۽ ياداشتن تي صحيون به ٿينديون. معاهدن تي صحيحن جي تقريب پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز تي سڌو سنئون ڏکاري ويندي. بعد ۾ ٻئي اڳواڻ گڏيل پ??يس ٽاڪ به ڪندا. وزيراعظم تاجڪ صدر جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو.