اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي ۽ واڌاري واري سهولت جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي ڪاروبار جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪاروباري ادارن کي سازگار م??حول فراهم ڪرڻ جي لاءِ باخبر ۽ متحرڪ قيادت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايمرجنگ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ??يو ته عالمي سطح تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو تيزي سان ترقي ڪري رهيو اهي ۽ پاڪستان کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي انقلاب سان پيدا ٿ??ند?? موقعن ۽ عالمي رابطن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ مختصر م??ي ۾ پاڪستان جي مالي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد جي صلاحيت موجود آهي. صدر هائير ايجوڪيشن جي نصاب کي باقاعدگي سان بهتر بنائڻ، تعليم جي فراهمي جا جديد طريقا اختيار ڪرڻ ۽ يونيورسٽين ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ تعاون جي فروغ جي ذريعي تعليمي شعبي ۽ صنعت جي وچ ۾ فرق تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن ??يو ته يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب تربيت يافته گريجوئيٽ ۽ هنرمند افرادي قوت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جي سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي گهرج آهي. هن ??يو ته 2030ع تائين سڄي دنيا ۾ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ 8 ڪروڙ ماڻهن جي ضرورت پوندي. هن ??يو ته پاڪستان کي ٻين علائقائي ملڪن سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ ساليانو 27 کان 30 هزار گريجوئيٽس سامهون اچن ٿا انهن جي انگ ۾ آن لائين ملازمتن، تعليم جي جديد طريقن، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۽ عورتن کي گهٽ مدي وارا هنر فراهم ڪرڻ جي ڪورسز ۽ ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام جي ذريعي اضافو ڪري سگهجي ٿو. هن ??يو ته سڄي دنيا جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صنعت ترتيبوار ڊگري جي بنياد تي تعليم سان منتقل ٿي رهي آهي، افرادي قوت کي انهن جي تعليمي قابليت بدران انهن کي هنر جي بنياد تي ملازمتون فراهم ڪري رهي آهي. هن ??يو ته وزيراعظم ڊيجيٽل اسڪل پروگرام تحت مختلف تعليمي ڊگريون رکندڙ 20 لک ماڻهن ڊيجيٽ?? مهارتن جي تربيت حاصل ڪئي آهي، جيڪو پاڪستان نوجوانن جي مهارتن ۾ اضافي جي لاءِ نجي شعبي جي لاءِ ماڊل جي مثال جي حيثيت رکي ٿو. هن ??يو ته ميٽا (فيس بڪ) پاڪستان ۾ 5 هزار عورتن کي تربيت ڏني آهي ته جيئن اهي مقامي ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ پنهنجي مصنوعات جي تشهير ڪري سگهن. هن ??يو ته آن لائين اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام سان عورتن کي پنهنجي مصنوعات ۽ خدمتن جي آن لائين فراهمي جي آڇ ۾ مدد ڪري انهن کي روزگار جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. انابليررز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ثاقب اظهر ??يو ته سمورين ڌرين کي آءِ ٽي انٽر پرينيئرز کي سازگار م??حول فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته سندس ادارو پاڪستاني نوجوانن جي مالي ۽ معاشي خودمختياري جي فروغ ۾ هڪ تحريڪ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو انهن کي جديد ڊيجيٽ?? مهارتون سيکاري رهيو آهي. هن ??يو ته هيستائين ملڪ ۾ ٽي لک ماڻهن کي تربيت ڏئي چڪا آهيون ۽ انهن جو ادارو پاڪستان جي اي ڪامرس مارڪيٽ ۾ پنهنجي ڪردار کي توسيع ڏئي رهيو آهي. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اصغر زيدي ??يو ته پاڪستان ۾ تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ فرق کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. پراڻي نصاب کي جديد بڻايو وڃي ۽ ڪمپيوٽر سائنس، ڊيٽا سائنس ۽ مصنوعي دانش جي شعبن ۾ تعليم تي ڌيان ڏنو وڃي. صدر انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪاروباري ماڻهن ۾ ايوارڊز پڻ ورهايا.