شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ يورپي يونين جي صدر چارلس مائيڪل ملاقات ڪئي. چارلس مائيڪل پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ قيمتي ??نساني جانين جي زيان تي ??فسوس جو اظهار ??يو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ يورپي يونين جي احساس ۽ امداد کي ساراهيو، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي ??تفاق ڪيو ته موسمياتي ??بديلين جا تباهي آڻيندڙ اثر سمورن ملڪن جي اتحاد جا گهرجائو آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ وانگر موسمياتي ??بديلين جي خلاف عالمي اتحاد گهربل آهي، فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ ۾ يورپي يونين جي تعاون کي ساراهيون ٿا، پاڪستان ۽ يورپي يونين ۾ گهڻ رخي تعاون جي فروغ جا خواهشمند آهيون، يورپي يونين ۽ پاڪستان جي حصيداري ۽ ٻطرفو تعاون ماضي ۾ گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي جي اعتماد ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند ۽ منتظر آهيون، موسمياتي ??بديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ يورپي يونين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي ??تفاق ڪيو.