اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ ثمينه عارف علوي مقتول صحافي ارشد شريف جي گهر ويا ۽ ان جي گ??رڀ??تي?? سان تع??يت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ارشد شريف جي پونئير?? سان تع??يت جو اظهار ڪيو. هن ارشد شريف جي خاندان جي ڀاتي?? سان افسوس جو اظهار ۽ مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته آزاد صحافت جي لاءِ مرحوم ارشد شريف جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، ارشد شريف تحقيق ۽ حقيقت?? سان بنا ڪنهن ڊپ جي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو هو. صدر مرحوم جي صحافتي خدمتن کي خراج تحسين، پونيئر?? سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تع??ليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.