اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ هاڻي ٻوڏ ۽ رسد جي رڪاوٽن جي ر??شن?? ۾ سماجي تحفظ، غذائي سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۽ ماڻهن ل??ءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي مدد جي سلسلي ۾ پاڪستان ل??ءِ 1.5 ارب ڊ??لر?? جي مالي مدد جي منظوري ڏني آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان ??اري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بلڊنگ ريزيلينس وڌ ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچرز (بريس) پروگرام تحت فراهم ڪيل مدد پاڪستان حڪومت طرفان يوڪرين بحران ??ميت پرڏيهي شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ 2.3 ارب ڊ??لر?? جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ٻڌايو ته ڪووڊ 19 کان پاڪستان جي بحالي ۾ پرڏيهي جهٽڪن سبب رڪاوٽون پيدا ٿيون، وڌندڙ ڪاروباري ۽ ذاتي خرچ لکين پاڪستانين خاص طور غريب ۽ معاشي طور ڪمزور طبقن کي متاثر ڪيو، هن ٻڌايو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو پروگرام حڪومت کي بلند قيمتن جي اثرن ۽ غذئي عدم تحفظ ۾ واڌ، ڪاروباري سرگرمين ۾ سستي رويي ۽ اقتصادي طور ڪمزور گروهن جي آمدني کي گهٽ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سان مسئلن ۾ واڌ پڻ ٿي آهي، هن ٻڌايو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي فنانسنگ سان ??ڪومت کي ترقياتي خرچن جي پڪيج کي لاڳو ڪرڻ لاءِ گهربل مالي جاءِ فراهم ٿيندي، جيڪا پاڪستان جي غريب خاندانن ل??ءِ ڊزائين ڪئي وئي آهي.