اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي تحمل ۽ پروقار رويئي س??ن هراسان ڪندڙ پي ٽي آءِ جي حامين ۽ انهن جي سرپرستن جي مڪروهه چهري کي بي نقاب ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي حامين پار??ن هراسان ڪرڻ تي مريم اورنگزيب جهڙي طرح تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو سندس باوق??ر شخصيت جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته مريم اورنگزيب پنهنجي تحمل ۽ باوقار رويئي س??ن هراسان ڪندڙن ۽ انهن جي سرپرستن جي بدنام چهري کي بي نقاب ڪيو آهي، اسان کي ان تي فخر آهي.