صحبت پور – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ کان ??تاثر علائقي صحبت پور ۾ ٻن مهينن ۾ جديد ماڊل اسڪول قائم ??رڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن اسڪول ۾ تعليم هيٺ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سموريون جديد سهولتون دستياب هونديون، انهن کي ٽيبليٽ ڏنا ويندا، ان جو سڄو خرچ وفا??ي حڪومت برداشت ڪندي، اهي ٻار اسان جو فخر بڻجندا. ٻوڏ کان ??تاثر علائقي صحبت پور جي دوري دوران ??زيراعظم شهباز شريف ڪئمپ ۾ قائم اسڪول جي ٻارن ۾ گهلي ملي ويو. وزيراعظم ٻارن کان ??ومي ترانو به ٻڌو. جڏهن ته ٻارن نظم به ٻڌايا. وزيراعظم ٻارن کي شاباس ڏيندي چيو ته هو محنت سان تعليم حاصل ڪن، پاڻي لهڻ ??ان??وءِ انهن کي جلد پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪيو ويندو. انهن جي والدين جي فصل کي پهچندڙ نقصان جو معاوضو ڏينداسين، متاثر خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان روڪ رقم فراهم ڪئي آهي. متاثر علائقن ۾ سٺا اسڪول ۽ اسپتالون ٺاهينداسين، متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سڀني ادارن سان گڏجي ڀرپور مدد ڪنديون. هن چيو ته متاثر علائقن مان ??اڻي ڪڍڻ جي لاءِ عملدارن کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڌيئرون اسان جو مستقبل آهن، اهي وڏيون ٿي قوم جو فخر بڻجنديون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن ٻارن جي لاءِ هڪ جديد ماڊل اسڪول بڻايو وڃي، جنهن جو سڄو خرچ وفا??ي حڪومت کڻندي ان اسڪول جي لاءِ بهترين استادن جون خدمتون ورتيون وينديون. هتي تعليم هيٺ ٻارن کي ڪتاب ۽ يونيفارم مفت فراهم ڪيا ويندا. جڏهن ته انهن کي ٽيبليٽ به فراهم ڪيا ويندا. ان ??وقعي تي وزيراعظم شهباز شريف متاثرين جي لاءِ قائم ??يل ڪئمپ ۾ طبي سهولتن جو جائزو به ورتو. ميڊيڪل ڪئمپ ۾ موجود پيراميڊيڪل اسٽاف وزيراعظم کي طبي سهولتن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ??لاقات ڪئي ۽ مسئلا معلوم ڪيا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت بحال ٿيڻ تي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سڀني متاثرين کي 25 هزار رپيا في خاندان روڪ رقم ادا ڪئي وڃي.