ڪوئيٽا – 04 – آگسٽ (اي پي پي) عورتن جي ترقي بابت پارلياماني سيڪريٽري ماهه جبين شيران چيو آهي ته ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ ۽ جارحيت جي خلاف 5 آگسٽ تي بلوچستان ??مي?? سڄي ملڪ ۾ ڪشمير ??ستحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو، 5 آگسٽ 2019ع تي هڪ صدارتي حڪمنامي تحت مودي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي شقن کي منسوخ ڪرڻ جو قدم کنيو، جنهن ڀارتي والاريل ڪشمير کي هندستاني رياستن جي ٻين رهواسين جي مقابلي ۾ جدا جدا قانونن تحت شهريت، جائيداد جي ملڪيت ۽ بنيادي حقن تحت خصوصي حيثيت ڏني هئي، ڀارتي والاريل ڪشمير ??ي خصوصي آئيني حيثيت منسوخ ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ جي ٻن مرڪزي انتظام هيٺ علائقن ۾ ورڇ ڪرڻ جو ڀارتي قدم تڪ??اري علائقن تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جي برابر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ بلوچستان بابت پارلياماني سيڪريٽري ماهه جبين ش3يران چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ي قانوني حيثيت کي تبديل ڪيو ۽ ڪشميرين تي ظلم جو هڪ نئون دور شروع ڪيو، هندستان جي آئين ۾ ڪشمير ??ي ٻه بنيادي آرٽيڪل شامل هئا، آرٽيڪل 370 جيڪو و??لاريل رياست کي خصوصي حيثيت ڏيندو هو ۽ آرٽيڪل 35 اي تحت اهو و??ضح ڪيو ويو هو ته ڪير والاريل ڪشمير ??و مستقل شهري آهي ۽ ڪير ??مين خريد ڪري سگهي ٿو، ان کي ختم ڪرڻ کانپوءِ کان هيستائين اتي بدترين ظلم شروع ٿي ويا، ڪشميري عوام ٻاهرئين دنيا سان ڪٽجي وئي ۽ واديءَ کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو، ڪشميرين تي ظلم گذريل هڪ صديءَ کان جاري آهي.