اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي آزادي جا 75 سال پورا ٿيڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس ??ين?? ڪلچر ايم سي آئي، سي ڊي اي جي اهتمام هيٺ اڄ جمعي ڏينهن 10 هزار چورس فٽ جو جهنڊو ٺاهيو ويندو جنهن ۾ اٽڪل 5 هزار ٻار حصو وٺندا. ايم سي آئي جي اسپورٽس ??ين?? ڪلچر شعبي ??ار??ن جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد/ ايڊمنسٽريٽر، ايم سي آئي عرفان نواز ميمڻ خاص مهمان هوندو. اها تقريب اڄ جمعي ڏينهن 12 آگسٽ تي ڪرڪيٽ گرائونڊ ايف نائين پارڪ، گيٽ نمبر 4، اسلام آباد ۾ ٿيندي. ٻئي طرف 14 آگسٽ 2022ع تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب جي حوالي سان انتظامن جو جائزه اجلاس خميس ڏينهن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل (اي ڊي سي جي) اسلام آباد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فائنل سيڪيورٽي ۽ ٽ??يف?? انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي. ا??س ايس پي آپريشنز، ا??س ايس پي ٽ??يف??، اسپيشل ??ين?? سيڪيورٽي برانچ ڪي ڊي ايس پيز، اي سي سيڪريٽريٽ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.