اسلام آباد – 30 – جون (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هز هائينس آغا خان کي اسماعيلي ??رادري جي امامت جا 65 سال مڪمل ٿيڻ تي دلي م??ار??باد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسماعيلي ??رادري جي اڳواڻ آغا خان جي نالي ??ط ۾ چيو آهي ته توهان جي دورانديش قيادت ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ عوام?? خدمتن ۽ ڀلائي جي شعبي ۾ بي مثال خدمتون ??رانجام ڏنيون ??هن. صدر چيو ته آئون ۽ پاڪستاني عوام ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ توهان پاران ڪيل ڪوششن تي ٿورا مڃون ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ توهان کي ماڻهن جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو حوصلو ۽ توفيق ڏي.