اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، افغان پناهگيرن ل??ءِ عالمي امداد م مسلسل گهٽتائي جي باوجود پاڪستان انهن کي سڀئي ممڪنه سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان ??ڏج?? ڪم ڪندو رهندو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهڙن خيالن جو اظهار پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اهو عالمي ڏينهن پناهگيرن جا مسئلا سمجهڻ ۽ انهن جي زندگي جي حالت سمجهڻ جو ??وقعو فراهم ڪري ٿو، 1979ع کان لکين افغان پناهگير پاڪستان اچڻ شروع ٿيا، افغانستان جي اندروني حالتن جي ڪري گذريل چئن ڏهاڪن کان اهو سلسلو جاري آهي، هن چيو ته قومي ڪووڊ پروگرام تحت 14 لک رجسٽرڊ افغان پناهگيرن ۽ 8.5 لک افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرز کي ٽيسٽنگ ۽ ويڪسين جون سهولتون به فراهم ڪيون ويون آهن، ان ل??ءِ پناهگيرن ل??ءِ پاڪستان جي عزم تي ڪو به شڪ نه ??جڻ گهرجي، صدر چيو ته عالمي برادري ان عالمي مقصد لاءِ پاڪستان جي تعاون جو اعتراف ڪيو آهي، پناهگيرن جي ڀلائي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي بابت ڪو به شڪ نه ??جڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالمي برادري به ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو آهي، پناهگيرن جو تعلق معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن سان آهي. انهن جي مسئلن جو حتمي حل انهن جي اباڻي ملڪن ۾ امن ۽ استحڪام جو ??يام آهي ته جيئن هو عزت ۽ وقار سان پنهنجي ملڪ واپس وڃي سگهن، صدر چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان ??ڏج?? ڪم ڪندو رهندو.