اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دنيا کي والاريل ڪشمير ۾ سياسي قيدين سان ڀار??ي حڪومت جي ناروا سلوڪ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مشهور ڪ??ميري اڳواڻ ياسين ملڪ کي دهشتگردي جي ڪوڙن ??لزامن ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي کلي عام پائمالين جي خلاف احتجاج جي صدا بلند ڪندڙن جو آواز خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، هن چيو ته ان حوالي سان مودي حڪومت کان جوابدهي ٿيڻ گهرجي.