اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف جي ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي دوري ۽ عمران خان جي لانگ مارچ جون تصويرون سماجي رابطي جي پليٽ فارم ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇڏيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ تخريب جون ٻه تصويرون ۽ ٻه ڪردار آه??، خادم پاڪستان عوام کي سستي بجلي جي فراهمي جي چين پاڪستان دوستي جي ڪروٽ منصوبي جي دوري تي آه?? جڏهن ته چار سال معيشت کي تباهه ۽ عوام کي مهانگائي سان روئاريندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنٽينر تي آه??. هن چيو ته هڪ طرف تعمير ۽ ترقي جي رفتار جي اها ئي جهلڪ آه?? جيڪا 2013ع کان 2018ع تائين رهي ته ٻئي طرف ڊي چوڪ جي ڌرڻي وارو ٻيهر فساد مارچ جي سفر تي آه??، اهو آه?? پاڪستان ۽ عوام جي خادمن ۽ فتني فساد پکيڙيندڙن ۾ واضح فرق.