اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته پاڪ چين دوستي سڄي دنيا ۾ هڪ مثال آه??، اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۽ سفارتي لاڳاپن سان پاڪ چين دوستي جو آغاز ٿيو، اقتصادي لنگهه جهڙا منصوبا پاڪستان جي اندر اقتصادي خوشحالي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ سميت خطي جي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ??عاشي ترقي ۽ خوشحالي جو مظهر آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي چيني قونصليٽ جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن وزيراعظم شهباز شريف جو خصوصي پيغام به پڙهي ٻڌايو. وفاقي اطلاعات واري وزير چيو ته اڄ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيا، اڄ هڪ تاريخ جو ڏينهن آه??، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا ان لاءِ به خاص اهميت رکندڙ آه?? ته اهي ٻنهي ملڪن جي عوام سان شروع ٿيندا آه??، ٻنهي ملڪن جي عوام محبت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آه??، هن چيو ته جڏهن به چين جو ڪو به منصوبو پاڪستان ۾ ايندو آه?? ته اسان کي يقين هوندو آه?? ته اهو اسان جي فائدي لاءِ ??وندو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جو هڪ افسوسناڪ واقعو ٿيو، اهڙا واقعا پاڪ چين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوشش آه??، ان واقعي کانپوءِ ??زيراعظم شهباز شريف سيڪيورٽي ۽ انفرااسٽرڪچر ميڪينزم جو نئين سر جائزو ورتو ۽ هن وقت هو سڀني معاملن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آه??، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪراچي جو واقعو پيش آيو ته وزيراعظم شهباز شريف سڀئي مصروفيتون ختم ڪري چيني قونصليٽ آيو، وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندي سيڪيورٽي ميڪينزم کي بحال ڪيو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پاڻ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد جو رشتو آه??، هتي ڪيترائي منصوبا آه?? جيڪي سدائين لاءِ ??اڪ چين دوستي کي لازوال رشتي ۾ جوڙيندا آه??، اطلاعات واري وفاقي وزير ان ت??ريخي ڏينهن جي موقعي تي چين جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم جي مستقل خواهش آه?? ته چين سان دوستي ۽ اعتماد جي رشتي کي نئين بلندين ت??ئين پهچايو وڃي ۽ ان رشتي کي مضبوط بڻايو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ به ڪٽيو ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.