اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي اميدوار ۽ اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته هو ميڊيا، سول سو??ائٽي، وڪيلن، نواز شريف، آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت قومي قيادت ۽ سمورين سياسي پارٽين جي ڪارڪنن پاران آئين جي لاءِ بيهڻ تي انهن جا خاص ٿورا اد?? ڪريان ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چ??و ته آئين جي لاءِ بيهڻ تي پنهنجي قائد نواز شريف، آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، خالد مقبول صديقي، خالد مگسي، محسن داوڙ، علي وزير، امير حيدر هوتي ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ورڪرن سان گڏوگڏ ميڊيا، سول سو??ائٽي ۽ وڪيلن جا خاص ٿورا مڃان ٿو.