اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن کي اعتراض آهي ته وز??را??ظم ”ڌمڪي آميز خط“ کين نه ڏيکاريو، ان لاءِ وز??را??ظم اهو خط سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان ۾ صاف لفظن ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نٿي ٿئي ۽ عمران خان وز??را??ظم رهي ٿو ته ان جي نتيجا خطرناڪ هوندا، وز??را??ظم عمران خان جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نو??ز شريف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته وز??را??ظم پنهنجي جلسي ۾ هڪ خط جو ذڪر ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ت?? بي اعتمادي رٿ ۾ ٻاهريان هٿ شامل آهن، اسد عمر چيو ته ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته اسان کي خط ڇو نه ڏيکاريو پيو وڃي، ڪجهه راز قومي نو??يت جا هوندا آهن، وز??را??ظم مون کي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته اسان اهو خط سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيون، ان تي سڀني کي اعتماد آهي، هن چيو ته مون کي اجازت نه آهي ته ان خط ۾ لکيل لفظ ٻڌائي سگهان پر اهم ڳالهيون ورجايان ٿو، اهو حصو جيڪو بي اعتمادي سان جڙيل آهي ان جون اهم ڳالهيون ڇا آهن، هن چيو ته ان خط جي تاريخ بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ کان اڳ جي آهي، اها اهم ان لاءِ آهي ته ان خط ۾ سڌو سنئون بي اعتمادي رٿ جو ذڪر آهي، ا?? کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ان ۾ صاف لظن ۾ لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ۽ عمران خان وز??را??ظم رهي ٿو ته ان جا نتيجا خطرناڪ هوندا. هن چيو ته وز??را??ظم جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر ڊنل آهن، خط ۾ مرڪزي ڪردار نو??ز شريف آهي، پي ڊي ايم ظاهر آهي ان ڳالهه کان لاعلم نه آهي، هن چيو ته 27 مارچ جي جلسي ۾ لکين ماڻهو پهتا، امربالمعروف جلسي ۾ نظر آيو قوم وز??را??ظم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته خط ۾ ڪيل ڳالهيون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سان جڙيل آهن، ٻاهريان هٿ ۽ بي اعتمادي رٿ پاڻ ۾ جڙيل آهن، نو??ز شريف جون ملاقاتون وز??را??ظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ جو حصو آهن، پي ڊي ايم جي سينئر قيادت ان ڳالهه کان بي خبر نه آهي، خط جو سڌو سنئون تعلق عوام سان به آهي، اسد عمر چيو ته وز??را??ظم عمران خان عوام کي آگاهه ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو، مخالف ڌر جي ڪجهه ماڻهن کي خبر نه آهي ت?? بي اعتمادي رٿ جي پويان ڪير آهي، اهي ماڻهو لاعلمي جي ڪري ان سازش جو حصو آهن، هن چيو ته اسيمبلي جا سمورا چونڊيل ميمبر محبت وطن آهن، مخالف ڌر پاران نو??ز شريف کلي عام ٻا??ري?? قوتن جو آله ڪار آهي.