اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شطرنج جي راند مخالف ڌر شروع ڪئي آهي ان کي ختم اسان ڪنداسين، 27 مارچ تي تاريخي جلسو ٿيندو، اتحادي حڪومت جو حصو آهن ۽ حڪومت جو حصو ئي ر??ندا، سپريم ڪورٽ جا سمورا جج قابل احترام آهن، ن ل??گ جي بينچ جي خلاف مهم جي مذمت ڪريون ٿا، بار ايسوسيئيشن کي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي سبسڊري نه بڻجڻ گهرجي، پاڪستان جي سمورين بار ڪائونسلز کي سپريم ڪورٽ بار جي اهڙن ماڻهن جي ر??يي ۽ ڪردار جو نوٽيس وٺندي انهن جو گهيراءُ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و ته سپريم ڪورٽ جا سمورا جج قابل احترام آهن، ن ل??گ سوشل ميڊيا تي ان بينچ جي خلاف مهم شروع ڪئي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چ??و ته اسان کي سپريم ڪورٽ تي مڪمل اعتماد آهي، اميد آهي ته معاملا آئين ۽ قانون موجب ا??تي وڌندا. چوڌري فواد حسين چ??و ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ميمبر جي حيثيت سان ذاتي طور تي منهنجا سپريم ڪورٽ بار جي باڊي تي سخت خدشا آهن، هن چ??و ته سپريم ڪورٽ بار سمورن ماڻهن کان ووٽ وٺي منتخب ٿيندي آهي، بار ايسوسئيشن کي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي سبسڊري نه بڻجڻ گهرجي، وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان جي سمورن بار ڪائونسلز کي سپريم ڪورٽ بار جي اهڙن ماڻهن جي ر??يي ۽ ڪردار جو نوٽيس وٺندي انهن جو گهيراءُ ڪرڻ اڳتي وڌڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چ??و ته پوري دنيا ۾ بار ايسوسيئيشن سياسي معاملن تي پاڻ کي مٿانهون رکندي ڪردار ادا ڪندي آهي پر هتي بار ايسوسيئيشن پنهنجو پاڻ کي هڪ سياسي پارٽي سان جوڙي ورتو آهي، هن چ??و ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي باڊي ۾ هڪ ٻن ماڻهن سپريم ڪورٽ بار کي يرغمال بنائي ر??يو آهي،انهي ر??يي جي ڪري لاهور بار ۾ ان گروپ کي شڪست به ٿي. هن چ??و ته وڪيل بار ايسوسيئيشن جي موجوده قيادت سان نفرت جو اظهار ڪيو آهي، ان تي وڌيڪ آواز اٿندو. وفاقي وزير چ??و ته اسان جو سڄو ڌيان 27 مارچ جي جلسي تي آهي، 27 مارچ تي پي ٽي آءِ جو تاريخي جلسو ٿيندو، شطرنج جي راند مخالف ڌر شروع ڪئي هئي ان کي ختم اسان ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته سپريم ڪورٽ جلسن جي حوالي سان فيصلي ۾ واضح گائيڊ لائينز ڏنيون آهن، مخالف ڌر جلسي جي اڃان تائين درخواست ناهي ڏني، ڪالهه مخالف ڌر پنهنجو پروگرام به تبديل ڪري ڇڏيو آهي، لڳي ٿو ته مخالف ڌر جلسو نه ڪندي، 27 مارچ تي صرف پي ٽي آءِ جو جلسو ٿيندو، هڪ ٻي سوال تي وفاقي وزير چ??و ته اتحادي حڪومت جو حصو آهن ۽ حڪومت جو حصو ئي ر??ندا، اتحادين جي سپورٽ به انهي سرپرائيز جو حصو آهي جنهن جو ذڪر وزيراعظم ڪالهه اربع تي ڪيو آهي.