اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامي ترقياتي بئنڪ گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان ??لج??سر ملاقات ڪئي جيڪو اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيل آهي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان ??ان پراڻي ۽ قابل اعتماد حصيداري، توانائي، ماليات، مواصلات، تعليم ۽ صحت جهڙن مختلف شع??ن ۾ ان جي مدد جو اعتراف ڪيو، هن ڪووڊ – 19 ويڪسين جي خريداري لاءِ پاڪستان ??ان تعاون کي به ساراهيو. ويڪسين کانسواءِ رهجي ويندڙ آبادي تائين پهچ لاءِ قومي ويڪسينيشن مهم ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو، ڊاڪٽر ??لج??سر وزيراعظم کي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پروگرامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، جنهن ۾ افغانستان هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ شامل آهي جيڪو افغان عوام جي انساني ۽ معاشي امادد جي ضرورت جي پيش نظر 19 ڊسمبر 2019ع کي اسلام آباد ۾ منعقد اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ قائم ڪيو ويو هو، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پ??ڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ ??ان پنهنجي حصيداري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مسلسل تعاون ۽ لاڳاپا وڌائڻ جو منتظر آهي.