اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پشاور ڪوچه رسالدار جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جد?? جد?? بيانن ۾ هنن چيو ته ڪوچه رسالدار جامعه مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪو دهشتگردي جي بدترين مثال آهي، دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث عنصر انسانيت ۽ ملڪ جا دشمن آهن، ملوث عنصر پنهنجي ڪڌن مقصدن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، عبادتگاهن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائيندڙ انسانيت جي نالي تي ڌٻو آهن، پوري قوم ملڪ مان د??شتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهي، دهشتگردي ۾ ملوٿ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان د??ي همدردي جو ا ظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.