اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچس??ان جي ترقي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، بلوچس??ان جي باصلاحيت نوجوان افرادي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص معاون نوابزاده شاهه زين بگٽي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچس??ان جي اندروني طور تي بي گهر ماڻهن (آءِ ڊي پيز) جي مسئلن ۽ انهن جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ??ئي وئي، ان کانسواءِ بلوچس??ان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.