اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي تاريخي يوم تاسيس تي مبارڪباد ڏيندي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته يوم تاسيس جي موقعي تي آئون خادم الحرمين الشريفين شاهه سل??ان بن عبدالعزيز، ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان ۽ ملڪ جي ڀائر عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته دعا آهي ته اسان جو هي ديس ترقي جي راه?? تي گامزن رهي ۽ هتان جي رهواسين کي سدائي?? خوشحالي ميسر رهي.