اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي. ڪجهه ڏي??هن ۾ مريم صفدر جي آڊيو بابت جاچ مڪمل ٿي ويندي، 2008ع کان هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ا??لاس کي ??ري??نگ جي دوران ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ ميڊيا چئنلز کي ا??تهار ڏيڻ جو معاملو غور هيٺ آيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب سينيٽ جي ا??ٽينڊنگ ڪميٽي کي ??ري??نگ ڏيندي چيو ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏي??هن ۾ مريم صفدر جي آڊيو بابت تحقيقات مڪمل ٿي ويندي، 2008ع کان هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ ڪميٽي ۾ پيش ڪنداسين، فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر ڪجهه چئنلز کي ا??تهار نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي جاچ ڪميٽي ان ڳ??لهه کي به ڏسي رهي آهي ته مريم صفدر ڪهڙي حيثيت ۾ اهي هدايتون ڏنيون، مملڪتي وزير چيو ته ان ڳ??لهه جو به جائزو ورتو پيو وڃي ته ن ليگ جي دور ۾ اشتهار ڏيڻ جو ميڪنزم ڪهڙو هو، فرخ حبيب چيو ته اشتهارن جي روڪڻ سان آزادي صحافت جي متاثر ٿيڻ جي رخن کي به ڏسي رهيا آهيون، ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو ته ڪ??هن کي ته تمام گهڻا اشتهار ملي رهيا آهن ۽ ڪ??هن کي نه هجڻ جي برابر آهن، ڪميٽي جي چيئرمين ن ل??گ دور ۾ ميڊيا چئنلز کي ڏنل اشتهارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.