اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي، پاڪستان سي پيڪ کي و??ت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه دشمن عنصر ان مان خوش نه آهن پر اهي پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چي?? جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چي?? گڏيل مفادن لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ چي?? حقيقي دوست آهن ۽ هر قسم جي حالتن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته پاڪستان چي?? جي قومي مفاد ۾ بنيادي معاملن ”ون چائنا پاليسي“ تائيوان، تبت، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چي?? تي چي?? جي حمايت ڪري ٿو. صدر پاڪستان جي بنيادي قومي مفاد جي معاملن، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اين ايس جي ۽ ايف اي ٽي ايف تي چي?? جي حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان پاڪ –چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي و??ت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه دشمن عنصر سي پيڪ منصوبي مان خوش نه آهن، سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪ – چي?? اقتصادي لنگهه جا مخالف عنصر ڪامياب نه ٿيندا. صدر داسو ۾ فوت ٿيندڙ چي???? شهرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چي???? شهرين جي حفاظت پاڪستان جي اولين تر??يح آهي، حڪومت پاڪستان ۾ چي???? شهرين جي حفاظت لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. چي??ي سفير نونگ رونگ چيو ته پاڪستان چي?? جو ويجهو دوست آهي، چي?? ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته چي?? جا تجربا پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ان موقعي تي چي??ي سفير صدر کي ٻڌايو ته چي?? پاڪستان کي هن هفتي ويڪسين جون 60 لک خوراڪ فراهم ڪندو، سال جي آخر تائين 10 ڪروڙ ويڪسين جون خوراڪ پاڪستان کي فراهم ڪيون وينديون.