اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سان ملاقات ۾ مشهور سياسي شخصيت منير احمد خان پاڪستان تحر??ڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت سڀئي مسئلا اڳوڻين حڪومتن جي لُٽ مار ۽ ڪرپشن جي ڪري آهي، هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو مشن آهي، ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وزير خسرو بختيار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد به موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم منير احمد خان کي پارٽي ۾ خوش آمديد چوندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ سميت سڀني مسئلن جو سبب اڳوڻين حڪومت پا??ان ڪيل لُٽ مار ۽ ڪرپشن آهي، منهنجو مشن هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو آهي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم عم??ان خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي تقدير ۽ مستقبل وزيراعظم عم??ان خان جي مثالي قيادت جي هٿن ۾ هئڻ سان محفوظ ۽ روشن آهي.