اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ضروري شين جي دستيابي ۽ قيمتن جو تعين صوبائي اختيار آهي، پر غريب عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي هو پاڻ ان معاملي جي نگراني ڪري رهيا آهن، حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، اهو ضروري شين جي دستيابي ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جي حوالي سان کنيل قدمن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلا?? کي پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪڻڪ ۽ کنڊ جي صوبي ۾ دستيابي ۽ قيمتن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلا?? کي ٻڌايو ويو ته اٽي جي دستيابي کي يقيني ب??ائ?? لاءِ سمورا ضلعي انتظاميه جا آفيسر مسلسل مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن. اجلا?? کي ٻڌايو ويو ته ??لور ملز مالڪن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي.